تازه ترين

جڙانوالا ۾ قرآن پاڪ جي مبينا بي حرمتي خلاف مڇريل ماڻهن مسيحي آبادي تي ڪاهه ڪري مندرن ۽ گرجا گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي

جڙانوالا ۾ قرآن پاڪ جي مبينا بي حرمتي خلاف مڇريل ماڻهن مسيحي آبادي تي ڪاهه ڪري مندرن ۽ گرجا گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، پنجاب جي نگران حڪومت واقعي اعليٰ سطح جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

فيصل آباد جي علائقي ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسيٰ نگري ۾ مڇريل ماڻهن چئن گرجا گهرن ۽ مسيحي برادري جا ڪيترائي گهر توڙي ملڪيتون ۽ گاڏيون ساڙي ڇڏيون.

ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جو چوڻ هو ته جڙانوالا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب سموري ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، شهر ۾ حالتون معمول ۾ اچڻ تائين اهو قلم لاڳو رهندو.

نگران وزيراعظم انوارلحق ڪاڪڙ، اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري، مريم نواز ۽ ٻين طرفان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

نگران وزيراعظم انوارالحق  جڙانوالا ۾ اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جو نوٽِس وٺندي ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنجاب جي نگران حڪومت جڙانوالا واقعي جي اعليٰ سطح ي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب سوچيل سمجهيل سازش تحت جڙانوالا ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو ويو، معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
14 %
2.2kmh
30 %
اربع
19 °
خميس
20 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون