تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حافظ نعيم الرحمان صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 129 جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي امير حافظ نعيم الرحمان صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 129 جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته کين خيرات جي سيٽ نه گهرجي، هو سيٽ واپس ڪري رهيو آهي، هو مطالبو ڪن ٿا ته ڪراچيءَ جي سمورن نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ايس 129 تي آزاد اميدوار سيف باري کٽي ويو هو، کين خيرات جي سيٽ نه گهرجي، جيڪو کٽيو آهي ان کي ئي ڪامياب ڪرايو وڃي، جماعت اسلامي کي هڪ ووٽ به ناجائز نه گهرجي. سندس چوڻ هو ته هن اليڪشن کي اليڪشن چوڻ ناانصافي آهي، جعلسازي ڪري ڦاسي ويا آهن هاڻي نڪري نٿا سگهن. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم جي باضمير ماڻهن کي چئي ٿو ته سامهون اچن، مصطفيٰ ڪمال سميت ڪيترائي ايم ڪيو ايم وارا هارائي ويا آهن کين کٽرايو ويو آهي، هو هڪ هڪ ووٽ سامهون آڻيندا. هن چيو ته جعلي مينڊيٽ تي جشن ملهائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو، سندن کٽيل سيٽون واپس ڪيون وڃن، بدترين مخالف لاءِ به اهو کي چوندا ته جيڪو کٽي آيو آهي ان کي سيٽ ڏني وڃي. جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي امير چيو ته هي تباهه حال شهر کي وڌيڪ تباهه ڪرڻ چاهن ٿا، هاڻي قوم ۾ شعور پيدا ٿي ويو آهي، هو پنهنجي نسلن کي تباهه ٿيڻ نه ڏيندا، ماڻهن کي انتهاپسندي طرف نه وٺي وڃڻ گهرجي، هو پرامن سياسي مزاحمت ڪندا. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سندن ويڙهه عوام جي حق لاءِ آهي، هو خاموش ٿي گهر نه ويندا، قانوني ۽ آئيني جنگ وڙهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون