تازه ترين

حافظ نعيم الرحمان صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 129 جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي امير حافظ نعيم الرحمان صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 129 جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته کين خيرات جي سيٽ نه گهرجي، هو سيٽ واپس ڪري رهيو آهي، هو مطالبو ڪن ٿا ته ڪراچيءَ جي سمورن نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ايس 129 تي آزاد اميدوار سيف باري کٽي ويو هو، کين خيرات جي سيٽ نه گهرجي، جيڪو کٽيو آهي ان کي ئي ڪامياب ڪرايو وڃي، جماعت اسلامي کي هڪ ووٽ به ناجائز نه گهرجي.

سندس چوڻ هو ته هن اليڪشن کي اليڪشن چوڻ ناانصافي آهي، جعلسازي ڪري ڦاسي ويا آهن هاڻي نڪري نٿا سگهن.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم جي باضمير ماڻهن کي چئي ٿو ته سامهون اچن، مصطفيٰ ڪمال سميت ڪيترائي ايم ڪيو ايم وارا هارائي ويا آهن کين کٽرايو ويو آهي، هو هڪ هڪ ووٽ سامهون آڻيندا.

هن چيو ته جعلي مينڊيٽ تي جشن ملهائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو، سندن کٽيل سيٽون واپس ڪيون وڃن، بدترين مخالف لاءِ به اهو کي چوندا ته جيڪو کٽي آيو آهي ان کي سيٽ ڏني وڃي.

جماعت اسلامي ڪراچيءَ جي امير چيو ته هي تباهه حال شهر کي وڌيڪ تباهه ڪرڻ چاهن ٿا، هاڻي قوم ۾ شعور پيدا ٿي ويو آهي، هو پنهنجي نسلن کي تباهه ٿيڻ نه ڏيندا، ماڻهن کي انتهاپسندي طرف نه وٺي وڃڻ گهرجي، هو پرامن سياسي مزاحمت ڪندا.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته سندن ويڙهه عوام جي حق لاءِ آهي، هو خاموش ٿي گهر نه ويندا، قانوني ۽ آئيني جنگ وڙهندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
59 %
2.8kmh
56 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
26 °

تازه ترين خبرون