تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن : محسن نقوي

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن.

ڪراچي ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي برهاني محل ۽ شاهه شهيدن امام بارگاهه جو دورو ڪيو ۽ برهاني محل ۾ دائودي بوهرا برادري جي سربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات ڪئي.

سيدنا مفضل سيف الدين جو پٽ شهزاده حسين برهان الدين به موجود هو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سيدنا مفضل سيف الدين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آمد تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪن ٿا.

محسن نقوي چيو ته اوهان جي آمد سندن لاءِ فخر جو باعث آهي، اوهان سان عقيدت ۽ احترام جو رشتو هميشه قائم رهندو، دائودي بوهري برادري امن پسند ۽ پيار ڪندڙ برادري آهي.

سيدنا مفضل سيف الدين دائودي بوهري برادري جا مسئلا فوري طور حل ڪرڻ تي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا ۽ چادر ۽ تبرڪات جا تحفا  ڏنا.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سولجر بازار ۾ شاهه شهيدان امام بارگاهه ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو معائنو ڪيو.

شاهه شهيدان امام بارگاهه جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ملاقات ٿي.

ملاقات دوران مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ مقبول باقر امن امان جي بهترين انتظامن تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته شاهه شهيدان امام بارگاهه تي سڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام بهتر آهن، وفاق محرم الحرام دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن سان رابطي ۾ آهي.

محسن نقوي چيو ته هو محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون