تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي برهاني محل ۽ شاهه شهيدن امام بارگاهه جو دورو ڪيو ۽ برهاني محل ۾ دائودي بوهرا برادري جي سربراهه سيدنا مفضل سيف الدين سان ملاقات ڪئي. سيدنا مفضل سيف الدين جو پٽ شهزاده حسين برهان الدين به موجود هو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سيدنا مفضل سيف الدين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آمد تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪن ٿا. محسن نقوي چيو ته اوهان جي آمد سندن لاءِ فخر جو باعث آهي، اوهان سان عقيدت ۽ احترام جو رشتو هميشه قائم رهندو، دائودي بوهري برادري امن پسند ۽ پيار ڪندڙ برادري آهي. سيدنا مفضل سيف الدين دائودي بوهري برادري جا مسئلا فوري طور حل ڪرڻ تي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا ۽ چادر ۽ تبرڪات جا تحفا  ڏنا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سولجر بازار ۾ شاهه شهيدان امام بارگاهه ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو معائنو ڪيو. شاهه شهيدان امام بارگاهه جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران مولانا آيت الله عقيل الغربي ۽ مقبول باقر امن امان جي بهترين انتظامن تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته شاهه شهيدان امام بارگاهه تي سڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام بهتر آهن، وفاق محرم الحرام دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن سان رابطي ۾ آهي. محسن نقوي چيو ته هو محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورن صوبن جي ضرورتن کي پورو ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
28 %
1.3kmh
93 %
جمعو
16 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °
سُومر
17 °
اڱارو
16 °

تازه ترين خبرون