تازه ترين

حرم ۾ ڪرين ڪيس: بن لادن گروپ تي 20 ملين ريال ڏنڊ لاڳو

سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ حرم ۾ ڪرين حادثي ڪيس جي فيصلي ۾ بن لادن گروپ کي ذميوار قرار ڏيندي ڪمپني تي 20 ملين ريال ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

سعودي عرب ميڊيا موجب، سپريم ڪورٽ مڪھ مڪرمھ ڪرمنل ڪورٽ آف اپيل جي تحت ھلندڙ سال فيبروري ۾ جاري ڪيل فيصلي جي منظوري ۽ حفاظتي قانون جي ڀڃڪڙي جو ڏوھھ ثابت ٿيڻ تي 20 ملين ريال جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

سپريم ڪورٽ ڪمپني جي 8 ڊائريڪٽرز، شعبن جي سربراھھ، ايگزيڪيوٽو ۽ انجنيئرز کي بھ ٽي ٽي سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏھن تھ ٽن انجنيئرز ۽ سپر وائزرز کي الزامن کان بري ڪيو.

سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي ۾ چيو ويو تھ بن لادن گروپ تعمير واري ھنڌن جي لاءِ حفاظتي تدبيرن جي پابندي نھ ڪئي.

واضح رھي تھ 11 ڊسمبر 2015 تي مسجد الحرام ۾ تعميراتي ڪم جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪرين ڪرڻ سبب 110 ڄڻا فوت ۽ 209 زخمي ٿي پيا ھئا. ڪم جو ٺيڪو بن لادن گروپ وٽ ھو ۽ حادثي کانپوءِ گروپ تي تعميراتي ڪم جي دوران حفاظتي قدمن سان لاپرواھي جو الزام لڳايو ويو ھو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون