تازه ترين
پاڪستان چين کي شڪست ڏئي ايشن هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڏهن ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس پهچايو ويو پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي: وزيراعظم شهبازشريف وزيراعظم شهبازشريف سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون بچاءَ واري وزير خواجه آصف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئ... سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار پارليامينٽ ميمبرن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل قومي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي: قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم

حضرت لال شهباز قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال آهي، جڏهن ته وڏو وزير مراد علي شاهه درگاهه تي حاضري ڀري رهيو آهي

حضرت لال شهباز قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال آهي، جڏهن ته وڏو وزير مراد علي شاهه درگاهه تي حاضري ڀري رهيو آهي.

عظيم صوفي بزرگ حضرت لال شهباز قلندر جي 772هين سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون جاري آهن.

اڄ ميلي جي آخري ڌمال آهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه حضرت لال شھباز قلندر جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي رهيو آهي.

اڄ شام ملاکڙا گرائونڊ ۾ ملھه جا مقابلا ٿيندا، مقابلو کٽندڙ پهرين جوڙ جي ملھه پهلوان کي شيلڊ ۽ روڪ رقم انعام طور ڏني ويندي.

آخري ڌمال رات شهباز آڊيٽوريم هال ۾ راڳ رنگ محفل ڪوٺائي ويندي، راڳ رنگ جي محفل ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، بهترين پرفارمس تي شهباز ايوارڊ سان نوازيو ويندو.

رات دير سان ثقافت کاتي پاران شهباز ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جيڪا پرھه ڦٽيءَ تائين جاري رهي.

شھباز ادبي ڪانفرنس ۾ راڳ رنگ جي محفل پانڌيئڙن کي جهومائي ڇڏيو.

محفل موسيقي ۾ ناليواري گلوڪاره صنم ماروي قلندري ڌمال جهولي لال سيوهاڻي ڳائي ته پنڊال ۾ ويٺل پانڌيئڙن تارڙيون وڄائي کيس ڀرپور داد ڏنو.

راڳ رنگ جي محفل ۾ شمن ميرالي، طفيل سنجراڻي، تاج مستاني، خوشبو ناز ۽ ٻين فنڪارن فن جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

راڳ رنگ جي محفل ۾ ناليواري گلوڪاره ممتاز ڪنول ۽ سندس ڌيئرن قلندري ڌمال هڻي ويٺل محفل کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا.

ادبي ڪانفرنس ۾ ناليواري اديب مير حاجن مير، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻين قلندر لال شهباز جي زندگي تي روشني وڌي ڀيٽا پيش ڪئي.

ادبي ڪانفرنس دوران مير حاجن مير جي ڪتاب سيوهڻ تي ڪاهون ۽ حملا ڪتاب جي مهورت پڻ ڪئي وئي.

ادبي ڪانفرنس دوران نظير حيات سيوهاڻي، خيرمحمد ٻرڙو، سڪينا ميڊم، عزيز قاسماڻي ۽ ٻين مقالا پڙهي ماحول کي مهڪائي ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
31 %
3.3kmh
0 %
خميس
23 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
27 °
آچر
26 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون