تازه ترين

حق جي جنگ ۾ ڀارت پاڪستان جو ڪو به جهاز ڪيرائي نه سگهيو : ڊي جي آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته حق جي جنگ ۾ ڀارت پاڪستان جو ڪو به جهاز ڪيرائي نه سگهيو،  پاڪستان ڪڏهن به انگ اکر ۽ حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش  نه ڪئي آهي، فوجي ترقياتي حڪمت عملي هميشه هاڪاري، ڪارگر پليٽ فارمز ۽ اندروني پاڪستاني ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرائي رهي آهي. آمريڪي مئگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هو هر قسم جي ٽيڪنالاجي چاهي اها پنهنجي هجي، اوڀر يا اولهه هجي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهن پر پاڪستان ڀارت سان گڏ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪڏهن به انگ اکر ۽ حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش  نه ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر تصديق ڪئي ته حق جي جنگ ۾ ڀارت پاڪستان جو ڪوبه جهاز ڪيرائي نه سگهيو. بلوم برگ چيو ته هڪ هفتو اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ست ڀارتي جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري چڪو آهي، حق جي جنگ ۾ پاڪستان چيني جِي ٽين سي سان رافيل سميت ڪيترائي ڀارتي فوج جا جهاز ڪيرايا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف حق جي جنگ ۾ پاڪستاني هٿيارن، پاڪ فوج ۾ شامل چيني پليٽ فارمز جي هاڪاري ڪارڪردگي جي تصديق ڪئي. بلوم برگ چيو ته آگسٽ ۾ پاڪستان زين ٽين ايم اِي حملو ڪندڙ هيليڪاپٽر کي به پنهنجي هٿيارن ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پاڪستان چيني هٿيارن سان گڏوگڏ آمريڪي ايف سِڪسٽين جهازن جو به استعمال ڪندو آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون