تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

حماس سربراهه اسماعيل هانيه ايران ۾ اسرائيلي ميزائل حملي ۾ شهيد

ايران ۾ اسرائيل جي  حملي ۾ حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه شهيد ٿي ويو.

حماس تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ اسماعيل هنيه جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حملي ۾ سندس هڪ محافظ به شهيد ٿي ويو آهي.

ايراني ٽي وي جو چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه ايراني صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران پهتو هو ته سندس رهائشگاهه تي اسرائيل پاران حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو.

ايران جو چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ بعد نتيجا جلد عوام سامهون ايندا ويندا.

حماس پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسماعيل هنيه تي حملي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي.

حماس اڳواڻ موسيٰ ابو مرزوق جو چوڻ آهي ته اسماعيل هنيه جو قتل هڪ سنگين واقعو ۽ هڪ بزدلاڻو عمل آهي، ان سان اسرائيل پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي، واقعو جو ڀرپور جواب ڏيندو ويندو.

حماس اڳواڻ سامي ابو زهري چيو آهي ته هو بيت المقدس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ کليل جنگ وڙهي رهيا آهن، بيت المقدس لاءِ ڪا به قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين جي ترجمان مهر الطاهر چيو آهي ته شهيد اسماعيل هنيه فلسطين جي مقصد لاءِ پنهنجي قيمتي جان جو نذرانو ڏنو، فلسطيني پنهنجي مقصد لاءِ هر قيمتي شيءُ ۽ قيمتي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي وقت موجب رات 2 وڳي تهران جي دل ۾ هڪ ميزائل فائر ڪيو ويو، جتي اسماعيل هنيه پنهنجي محافظ سان گڏ موجود هو.

ياد رهي ته غزه جنگ دوران اسرائيلي حملي ۾ اسماعيل هنيه جا ٽي پٽ ۽ چار پوٽا به شهيد چڪا آهن.

حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه فلسطيني گروپ جي عالمي سفارتڪاري جو ڪردار ادا ڪندو هو، هن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، غزه ۾ سفري پابندين کان بچڻ لاءِ اسماعيل هنيه ترڪي ۽ قطر ۾ رهندو هو.

فلسطين جو اڳوڻو وزيراعظم اسماعيل هنيه حماس جي سياسي ونگ جو سربراهه هو کيس 2017ع ۾ خالد مشعال جي جاءِ تي حماس جو سياسي سربراهه مقرر ڪيو ويو هو .

2006ع ۾ فلسطيني چونڊن ۾ حماس جي اڪثريت کانپوءِ اسماعيل هنيه کي فلسطيني اٿارٽي جو وزير اعظم به مقرر ڪيو ويو هو، حماس ۽ فتح وچ ۾ اختلافن سبب اها حڪومت گهڻي عرصي تائين قائم نه رهي سگهي پر غزه ۾ حماس جي حڪومت قائم رهي ۽ اسماعيل هنيه ان جو سربراهه هو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون