تازه ترين

حماس طرفان ٽن يرغمالين جا لاش واپس ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي: امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آحي ته حماس طرفان ٽن يرغمالين جا لاش واپس ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، امريڪي صدر جهاز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امريڪا يوڪرين کي ٽوماهاڪ ڪروز ميزائل ڏيڻ تي غور نه پيو ڪري. سندس چوڻ هوته نائجيريا ۾ امريڪي زميني فوج يا هوائي حملا ممڪن آهن، نائجيريا ۾ عيسائين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٽيرف ڪيس ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪيس آهي، هو سپريم ڪورٽ ۾ ٽيرف ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت نه ڪندو، اهڙو ڪو به قدم کڻڻ نٿو چاهي جيڪو هن فيصلي جي اهميت گھٽ ڪري. هن وڌيڪ چيو ته دنيا سالن کان امريڪا تي ٽيرف لڳائي رهي هئي، امريڪين جو ڪيترن ئي ملڪن خاص طور تي چين پاران استحصال ڪيو ويو، پر هاڻي ائين ناهي، ٽيرف کين عظيم قومي سلامتي ڏني آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون