تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

حماس يرغمالين جي آزادي لاءِ آمريڪا سان سڌي ريت رابطي جي تصديق ڪري ڇڏي

- Advertisement -
آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته غزه ۾ يرغمالين جي آزادي لاءِ آمريڪي حڪومت فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس سان ڳجهو رابطو ڪيو آهي، حماس طرفان سڌيءَ ريت ڳالهين جي تصديق ڪئي وئي. آمريڪي ميڊيا دعوى ڪئي ته ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميا دوحه ۾ حماس سان سڌيءَ ريت ڳالهيون ٿيون آهن. ميڊيا رپورٽس موجب، ٽرمپ انتظاميا غزه ۾ يرغمال بڻيل امريڪي شهرين جي آزادي لاءِ حماس سان ڳجهيون ڳالهيون ڪيون آهن. رائٽرز موجب ٽرمو جو خاص ايلچي ايڊم بوهلر گذريل ڪجهه هفتن کان دوحه ۾ حماس سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب ٽرمپ انتظاميه حماس سان سڌي ريت ڳالهين جي حوالي سان اسرائيل سان صلاح مشورا ڪيا هئا پر اسرائيل کي ڳالهين جا تفصيل ٻين ذريعن کان معلوم ٿيا. ٻئي پاسي فلسطيني جي مزاحمتي تنظيم حماس يرغمالين جي آزادي لاءِ امريڪا سان سڌيءَ ريت ڳالهين جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، حماس جي هڪ عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ درخواست تي ٻڌايو ته يرغمالين جي آزادي لاءِ هڪ امريڪي ايلچي سان سڌيءَ ريت ڳالهيون ڪيون آهن. حماس عهديدار ٻڌايو ته امريڪي ايلچي سان امريڪي شهريت رکندڙ اسرائيلي قيدين بابت ڳالهيون ٿيون، حماس ۽ مختلف امريڪي مواصلاتي چينلن جي وچ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٿيون. هڪ ٻئي سينيئر حماس عهديدار چيو ته تازن ڏينهن ۾ دوحه ۾ حماس ۽ امريڪي عملدارن وچ ۾ 2 ڀيرا سڌيءَ ريت ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
24 %
3.9kmh
1 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون