تازه ترين
پاڪستان چين کي شڪست ڏئي ايشن هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڏهن ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس پهچايو ويو پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي: وزيراعظم شهبازشريف وزيراعظم شهبازشريف سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون بچاءَ واري وزير خواجه آصف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئ... سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار پارليامينٽ ميمبرن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل قومي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي: قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم

حماس 3 مرحلن ۾ جنگ بندي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي، اسرائيلي وزيراعظم حماس جي تجويزن کي رد ڪندي رفح ۾زميني آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي

حماس 3 مرحلن ۾ جنگ بندي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي، اسرائيلي وزيراعظم حماس جي تجويزن کي رد ڪندي رفح ۾زميني آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

عرب ميڊيا موجب، حماس 700 کان هڪ هزار فلسطيني قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي، تجويزن ۾ اسرائيلي جيلن ۾ عمر قيد جي هڪ سئو فلسطينين قيدين جي آزادي به شامل آهي.

عرب ميڊيا موجب، قيدين جي بدلي يرغمالين جي آزادي کانپوءِ مستقل جنگ بندي جي تاريخ طئي ڪئي ويندي، پهرين مرحلي کانپوءِ غزه جي پٽي کان اسرائيلي فوجين کي واپس گھرائڻ جي ڊيڊلائين تي به اتفاق ڪيو ويندو.

عرب ميڊيا موجب، حماس منصوبي جي ٻئي مرحلين ۾ ٻنهي طرفن کان سڀني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حماس جي تجويزن کي رد ڪري رفح ۾ زميني آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته فوج کي وڏي آپريشن لاءِ تيار رهڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا.

نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته حماس خلاف مڪمل فتح ئي غزه جنگ جو واحد حل آهي.

هوڏانهن امريڪا، حماس جي تجويزن کي عمل جوڳو قرار ڏنو آهي.

امريڪي قومي سلامتي بابت ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته حماس پنهنجي حد ۾ رهي ڪري تجويزون پيش ڪيون آهن، هو پراميد آهن ته شيون صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن.

هوڏانهن اسرائيلي جنگي ڪابينا جي اجلاس ۾ حماس جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو.

ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته اسرائيلي وفد امڪاني معاهدي تي ڳالهين لاءِ آچر ڏينهن قطر روانو ٿيندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
22 %
2.1kmh
0 %
خميس
26 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
27 °
آچر
26 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون