تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حماس 3 مرحلن ۾ جنگ بندي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي، اسرائيلي وزيراعظم حماس جي تجويزن کي رد ڪندي رفح ۾زميني آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
حماس 3 مرحلن ۾ جنگ بندي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي، اسرائيلي وزيراعظم حماس جي تجويزن کي رد ڪندي رفح ۾زميني آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. عرب ميڊيا موجب، حماس 700 کان هڪ هزار فلسطيني قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي، تجويزن ۾ اسرائيلي جيلن ۾ عمر قيد جي هڪ سئو فلسطينين قيدين جي آزادي به شامل آهي. عرب ميڊيا موجب، قيدين جي بدلي يرغمالين جي آزادي کانپوءِ مستقل جنگ بندي جي تاريخ طئي ڪئي ويندي، پهرين مرحلي کانپوءِ غزه جي پٽي کان اسرائيلي فوجين کي واپس گھرائڻ جي ڊيڊلائين تي به اتفاق ڪيو ويندو. عرب ميڊيا موجب، حماس منصوبي جي ٻئي مرحلين ۾ ٻنهي طرفن کان سڀني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حماس جي تجويزن کي رد ڪري رفح ۾ زميني آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته فوج کي وڏي آپريشن لاءِ تيار رهڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا. نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته حماس خلاف مڪمل فتح ئي غزه جنگ جو واحد حل آهي. هوڏانهن امريڪا، حماس جي تجويزن کي عمل جوڳو قرار ڏنو آهي. امريڪي قومي سلامتي بابت ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته حماس پنهنجي حد ۾ رهي ڪري تجويزون پيش ڪيون آهن، هو پراميد آهن ته شيون صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. هوڏانهن اسرائيلي جنگي ڪابينا جي اجلاس ۾ حماس جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو. ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته اسرائيلي وفد امڪاني معاهدي تي ڳالهين لاءِ آچر ڏينهن قطر روانو ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
23 %
2.9kmh
10 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون