حيدرآباد جي علائقي گهمن آباد ۾ جوابدارن پاران نينگريءَ سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ڪئي وئي، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
بلديا ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن پاران 14 سالن جي نينگري سان مبينا طور اجتمائي ڏاڍائي ڪئي وئي آهي.
پوليس زيادتي جي الزام ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدارن شاهد ۽ نديم خلاف نينگريءَ جي والده جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
متاثر نينگريءَ جي والده ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار سندن مائٽ آهن ۽ منهنجي ڌيءُ ذهني طور ناچاڪ آهي جوابدارن عيد جي خرچي ڏيڻ جي لالچ ڏئي زيادتي ڪئي……