حيدرآباد ۾ ناڻي کاتي واري آفيس ۾ اربين رپين جي ڪرپشن واري معاملي بعد اينٽي ڪرپشن کاتي پاران حيدرآباد آفيس تي ڇاپي هڻڻ جي اجازت لاءَ خط لکي ڇڏيو.
خط ۾ ناڻي کاتي جي ايس او سميت اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر کي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جو خط لکي ڇاپي جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد جي اڪائونٽنٽ امام بخش شاهه، عبدالله باجاري، طارق سهتو ۽ ڌڻي بخش سميت 12 ماڻهن تي ميگا ڪرپشن جو الزام آھي.
اينٽي ڪرپشن کاتي جو چوڻ آهي ته ميگا ڪرپشن ۾ ملوث ملازم اينٽي ڪرپشن کاتي ۽ جاچ ڪميٽي جي آفيسرن کي رڪارڊ نه ٿا ڏين جنهن ڪري ڇاپي جو فيصلو ڪيو آهي………
