حيدرآباد جي ايس ايس پي ضلعي ۾ منشيات تي ضابطي ۾ ناڪامي سبب 12 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت 16 پوليس آفيسرن خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪدي سندن هڪ سال جي سروس ختم ڪري ڇڏي آهي.
منشيات وڪري تي ضابطي ۾ ناڪامي تي هالي، پڃاري، ٽنڊو ڄام، راهوڪي، مڪي شاهه ۽ ٻڍاڻي سميت ٻين ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز جي هڪ سروس ضبط ڪئي وئي آهي.
ايس ايڇ او هالي سيف الله ٻگهيو، ايس ايڇ او سائيٽ عبدالمالڪ ابڙو، ايس ايڇ او پنڃاري محمد مالڪ خانزادو، ايس ايڇ او سٽي عمران رشيد جي هڪ سال جي سروس ختم ڪئي وئي آهي.
سزا آيلن ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام لياقت علي ڪنڀر، ايس ايڇ او ٻڍاڻي مبارڪ علي لاشاري ۽ ٻيا شامل آهن.