حيدرآباد ۾ عورت هڪ ئي وقت 6 ٻارڙن کي جنم ڏنو، جن مان 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڊاڪٽرن ڇهن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ عورت جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر قرار ڏني آهي.
اسپتال ۾ ريڪا نالي عورت ڇهن ٻارن کي جنم ڏنو.
اسپتال انتظاميه موجب ڪنري جي رهواسڻ ريکا زال لڇمڻ هڪ ئي وقت 6 ٻارن کي جنم ڏنو آهي.
اسپتال انتظاميا موجب پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن ۽ هڪ ٻار علاج هيٺ آهي. اسپتال انتظاميه جو چوڻ هو ته ڇهن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ عورت جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.