پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت سياست عوامي مسئلن جي نه ٿي رهي آهي، حڪومت کي چونڊيل نمائندن سان مشورو ڪري فيصلا ڪرڻ گهرجن.
هن چيو ته پ پ جي پورهيتن سان جدوجهد ٽن نسلن تي ٻڌل آهي، سمورين يونين جي ڪاميابي تي خوش آهي ۽ مبارڪ پيش ڪري ٿو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ کي آئيني نظام پ پ ڏنو آهي، ليبر کي جيڪي حق پ پ ڏنا آهن تنهن کي سموري دنيا قبول ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي آمرن سان مقابلي جو سبب پورهيت آهن، پ پ هميشه ليبر جي ايجنڊا کي پروموٽ ڪيو، پ پ پگهارن، پينشن ۾ اضافو ڪيو، پورهيت جي ترقي سان معيشيت جي ترقي ٿيندي.
هن چيو ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو نظام ناهي جتي حڪومت عوام جي مرضي کانسواءِ هلي سگهي، چونڊ ڪرائي وڃي يا نه ڪرائي وڃي، صدر، هجي، وزيراعظم يا بادشاهه، يا امير المونين هجي، نظام عوام جي مرضي سان هلندو آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪمران پنهنجي پاليسي عوام جي خواهشن موجب ٺاهيندا آهن، ڪجهه نظامن ۾ چونڊ ڪرائي ويندي آهي ۽ چونڊن ۾ عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏيندا آهن ته عوام جي خواهش، مرضي، سندن اميدن کان پري ٿي ويندي آهي ۽ سمورو نظام ڪري پوندو آهي.