تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وقت سياست عوامي مسئلن جي نه ٿي رهي آهي، حڪومت کي چونڊيل نمائندن سان مشورو ڪري فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته  پ پ جي پورهيتن سان جدوجهد ٽن نسلن تي ٻڌل آهي، سمورين يونين جي ڪاميابي تي خوش آهي ۽ مبارڪ پيش ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي آئيني نظام پ پ ڏنو آهي، ليبر کي جيڪي حق پ پ ڏنا آهن تنهن کي سموري دنيا قبول ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  شهيد بينظير ڀٽو جي آمرن سان مقابلي جو سبب پورهيت آهن، پ پ هميشه ليبر جي ايجنڊا کي پروموٽ ڪيو، پ پ پگهارن، پينشن ۾ اضافو ڪيو،  پورهيت جي ترقي سان معيشيت جي ترقي ٿيندي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو نظام ناهي جتي حڪومت عوام جي مرضي کانسواءِ هلي سگهي، چونڊ ڪرائي وڃي يا نه ڪرائي وڃي، صدر، هجي، وزيراعظم يا بادشاهه، يا امير المونين هجي، نظام عوام جي مرضي سان هلندو آهي. سندس چوڻ هو ته  حڪمران  پنهنجي پاليسي عوام جي خواهشن موجب ٺاهيندا آهن، ڪجهه نظامن ۾ چونڊ ڪرائي ويندي آهي ۽ چونڊن ۾ عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن حڪمران  پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏيندا آهن ته عوام جي خواهش، مرضي، سندن اميدن کان پري ٿي ويندي آهي ۽ سمورو نظام ڪري پوندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
31 %
1kmh
93 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °

تازه ترين خبرون