تازه ترين

حڪومت، تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد اسرائيلي شين جي بائيڪاٽ جو فيصلو

- Advertisement -
حڪومت، تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد اسرائيلي شين جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ٽي ايل پي طرفان فيض آباد تي هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَالله، سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ ۽ ٽي ايل پي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهين جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي  راڻا ثناءَ الله چيو ته  حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ طئي ٿيو آهي ته حڪومت فلسطين جي مسلمانن تائين امداد پهچائڻ جي حوالي سان پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته فلسطينن تي اسرائيلي ظلم  جي هر فورم تي مذمت ڪئي ويندي، اسرائيلي وزيراعظم دهشتگردي ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، هو عالمي برادري کان مطالبو ڪن ٿا ته نيتن ياهو کي قانون ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. راڻا ثناءُلله چيو ته غزا تي حملي کانپوءِ اسرائيل هڪ دهشتگرد ملڪ طور سامهون آيو آهي. هن چيو ته  حڪومت 31 جولاءِ کان پهرين فلسطين لاءِ امدادي کيپ رواني ڪندي،  هزار ٽن  کان وڌيڪ خوراڪ ۽ ٻيو امدادي سامان غزا موڪليو ويندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت عافيه صديقي جي آزادي جي ڪوششن ۾ به تيزي آڻيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون