حڪومتي اتحادين پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ بجيٽ تان اختلافن جي خاتمي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم شهبازشريف، بلاول کي عيد ڏينهن فوت ڪري عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ کيس ملاقات جي دعوت به ڏني هئي.
بلاول ڀٽو زرداري اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران هو شهبازشريف کي وفاق ۽ پنجاب بابت خدشن کان آگاهه ڪندو.
پ پ چيئرمين وفاقي بجيٽ بابت پارٽيءَ جا خدشا به وزيراعظم آڏو رکندو، ان ملاقات ۾ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.