- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن سبب ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري سرگرمين، شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
هن چيو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ۽ ملڪ کي ڏيوالي جي ڪنڌي پهچائيندڙن جا منصوبا ناڪام ٿيا آهن.
وزيراعظم چيو ته ملڪي بقا لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏيندڙن کي تاريخ هميشه ياد رکندي، سعودي عرب ۽ قطر جا دورا تمام گهڻا ڪامياب رهيا آهن.
شهبازشريف چيو ته ملاقاتن جي نتيجي ۾ پاڪستاني وفد جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ قطر تيزي سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم چيو ته قطر جي سيڙپڪاري بابت ٽيم جلد پاڪستان جودورو ڪندي، وفاقي ڪابينا ۾ نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
شهبازشريف چيو ته جلد وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي ايندي.- Advertisement -
