تازه ترين

حڪومتي ڪوششن سبب ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن سبب ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري سرگرمين، شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ۽ ملڪ کي ڏيوالي جي ڪنڌي پهچائيندڙن جا منصوبا ناڪام ٿيا آهن. وزيراعظم چيو ته  ملڪي بقا لاءِ  پنهنجي سياست جي قرباني ڏيندڙن کي تاريخ هميشه ياد رکندي، سعودي عرب ۽ قطر جا دورا تمام گهڻا ڪامياب رهيا آهن. شهبازشريف چيو ته ملاقاتن جي نتيجي ۾ پاڪستاني وفد جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ قطر تيزي سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته قطر جي سيڙپڪاري بابت ٽيم جلد پاڪستان جودورو ڪندي، وفاقي ڪابينا ۾ نون ماڻهن کي شامل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. شهبازشريف چيو ته  جلد وفاقي ڪابينا ۾ تبديلي ايندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون