تازه ترين

حڪومت آءِ پي پيز سان معاهدا ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪرڻ جو اعلان

حڪومت آءِ پي پيز سان معاهدا ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اويس لغاري جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز سان معاهدا ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪيا ويندا،  معاهدا هڪ طرفي طور ختم ڪري ريڪوڊڪ وانگر  900 ملين ڊالر ڏنڊ ادا نه ٿو ڪري سگهجي، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته آءِ پي پيز معاهدن کي ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪندا، معاهدا هڪ طرفي طور ختم ڪري ريڪوڊڪ جيان 900 ملين ڊالر ڏنڊ ادا نه ٿو ڪري سگهجي.

سندس چوڻ هو ته بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، آءِ پي پيز سان ڪيپيسٽي ادائگين بابت ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.

توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته چين دوري ۾ چيني قرض جي ري پروفائلنگ لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن، چيني پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ لاءِ به ڳالهيون ڪيون آهن، ان سان اڍائي رپيا في يونٽ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون