حڪومت بجلي جي بنيادي اگهه ۾ ست ڏهائي 12 پئسا في يونٽ اضافي ڪري ڇڏيو جڏهن ته هر مهيني 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ بجلي اگهن ۾ اضافي کان آجا قرار ڏنا ويا آهن.
وفاقي سرڪار بجلي جي بنيادي اگهه ۾ ست ڏهائي 12 رپين تائين اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
باقي گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جو بنيادي اگهه في يونٽ 7 ڏهائي 12 رپين تائين وڌندو.
وفاقي سرڪار ڪي اليڪٽرڪ سميت سموري ملڪ لاءِ برابر بجلي اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جو في يونٽ اگهه 48 رپيه 84 پئسا ٿي ويو آهي.
هر مهيني 201 کان 300 يونٽن تائين جو اگهه 7 ڏهائي 12 رپيه اضافي سان 34 ڏهائي 26 رپيه ٿي ويو.
هر مهيني 301 کان 400 يونٽ تائين جو اگهه ست ڏهائي 2 رپيه اضافي سان 41 ڏهائي 36 رپين تائين جو ٿي ويو.
هر مهيني 501 کان 600 يونٽ جو اگهه 6 ڏهائي 12 رپيه اضافي سان 41 ڏهائي 36 ٿي ويو آهي.
هر مهيني 601 کان 700 يونٽ جو اگهه 6 ڏهائي 12 رپيه اضافي سان 42 ڏهائي 92 ٿي ويو آهي.
هر مهيني 700 يونٽ کان وڌيڪ جو اگهه 6 ڏهائي 12 رپيه اضافي سان 48 ڏهائي 84 رپيه ٿي ويو.
ٽيڪسن کي ملائي سيلب جي حساب سان في يونٽ اگهه ۾ اضافو ٿي ويو آهي.
هر مهيني 50 يونٽ تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ 3 ڏهائي 95 برقرار رهندو.
هر مهيني 51 کان 100 يونٽ تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ 7 ڏهائي 74 برقرار رهندو.
هر مهيني 51 کان 100 يونٽ تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ 7 ڏهائي 74 رپيه برقرار رهندو.