حڪومت بجلي جي قميت ۾ گهٽتائي لاءِ مهانگا پاور پلانٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
حڪومت بجلي جي قميت ۾ گهٽتائي لاءِ مهانگا پاور پلانٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويوته ايم ڪيو ايم وفد وفاقي وزير اويس لغاريءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي بجلي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وفد جي ميمبرن کي پاور سيڪٽر ۾ هلندڙ سڌارن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته بجلي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ مهانگا پاور پلانٽ ختم ڪري ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
48%
0.3m/s
48%
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون