تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت جا پنج سال ڏکيا گذريا سنڌ اسيمبلي ۽ حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو: سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پندرهن ورهين جو حساب ڏيڻ لاءِ هو تيار آهن، هو  عوام وٽ وڃي ٻيهر سرخرو ٿي ايندا،  حڪومت جا پنج سال ڏکيا گذريا، سنڌ اسيمبلي ۽ حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو، پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ حڪومت خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون، اسپيڪر جيل جون سختيون برداشت ڪيون، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ جهڙا چئلينجن جو ڄمي مقابلو ڪيو، اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اڄ ئي گورنر ڏانهن موڪلي ويندي، هو ٽن مهينن لاءِ موڪل تي وڃي رهيا آهن، واپس اچي عوام خدمت ڪندا.

سنڌ اسيمبلي جي الوداعي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هڪ ڏينهن اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ تي هو ايوان کان معذرت ڪري ٿو، سنڌ اسيمبلي تاريخي اسيمبلي آهي.

هن چيو ته پنج سال آسان نه هئا، پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ حڪومت خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون، اسپيڪر جيل جون سختيون برداشت ڪيون، پر همٿ نه هاري.

وڏي وزير چيو ته پنجن ورهين دورا رڪارڊ قانونسازي ڪئي، ڪورونا وبا ۽ برساتي ٻوڏ دوران چئلينجن جو ڄمي مقابلو ڪيو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي اسپتالن جو ڪو به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، هو پندرهن ورهين جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهن،  عوام ۾ وڃڻ لاءِ به تيار آهن.

هن چيو ته ٿر ۾ ترقي ٿي،  شهرن ۾ روڊ ۽ انڊر پاس ٺهيا، ڪڪري گرائونڊ، پيپلز  اسڪوئر سميت ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، هو ٽن مهينن لاءِ وڃي رهيا آهن، واپس اچي عوام جي خدمت ڪندا.

وڏي وزير چيو ته هنن عوام جي  بهتر خدمت ڪئي، هو وري سرخرو ٿي ٻيهر  ايوان ۾ ايندا

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
13 %
2.8kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون