تازه ترين

حڪومت جون بي اين پي سربراهه اختر مينگل کي پرچائڻ واريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون

- Advertisement -
حڪومت جون بي اين پي سربراهه اختر مينگل کي پرچائڻ واريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، بي اين پي سربراهه استعيفيٰ واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته استعيفيٰ واپس وٺڻ جو ڪو به ارادو ناهي. اياز صادق جي سربراهيءَ ۾ اختر مينگل سان پارليامينٽ لاجز ۾حڪومتي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران راڻا ثناءُالله، خالد مگسي، اعجاز جکراڻي، جمال مينگل سميت ٻيا موجود هئا. ملاقات ۾ اسپيڪر اياز صادق ۽ ٻين اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي اختر مينگل چيو ته حڪومت بلوچستان جا مسئلا سمجهي ناهي سگهي، استعيفيٰ واپس وٺڻ جو ڪو به ارادو ناهي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته  اختر مينگل بلوچستان جو ڪيس بهادري سان وڙهيو آهي، هو سڀ سندس احترام ڪن ٿا. هن چيو ته اختر مينگل کي ٻيهر درخواست ڪئي آهي، اميد ته سندن درخواست قبول ٿيندي. سندس چوڻ هو ته اختر مينگل جي استعيفيٰ سندن لاءِ به سرپرائز هئي، ڪوشش ڪندا ته سندس ناراضگي ختم ٿئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون