تازه ترين

حڪومت جي ڪوششن سبب مهانگائي ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي،  مرڪز ۽ پنجاب ۾ سٺو ڪم ٿي رهيو آهي : نواز شريف

- Advertisement -
مسلم ليگ ن قائد نواز شريف چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف محنت ڪري رهيو آهي، ملڪي حالتون ماضي کان بهتر آهن،  حڪومت جي ڪوششن سبب مهانگائي ۾ گھٽتائي اچي رهي آهي،  مرڪز ۽ پنجاب ۾ سٺو ڪم ٿي رهيو آهي،  پي آءِ اي کي خانگائڻ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو، ملڪ کي هڪ سٺي ايئر لائن ملي سگهي ٿي. مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف آمريڪا جو دورو مڪمل ڪري واپس لنڊن پهچي ويو. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته وزيراعظم شهباز شريف محنت ڪري رهيو آهي، ملڪ جي حالت بهتر ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، مرڪز ۽ پنجاب ۾ سٺو ڪم ٿئي پيو، پاڪستان ٻيهر ٽريڪ تي اچي رهيو آهي. مسلم ليگ ن جي قائد جو چوڻ هو ته معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته مريم نواز پنجاب ۾ سٺو ڪم ڪري رهي آهي، مريم ڏينهن رات هڪ ڪري غريب ماڻهن جي زندگي آسان بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون