تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت طرفان آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ جلد بازي نه ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
حڪومت طرفان آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ جلد بازي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 27هين آئيني ترميم سينيٽ جي اڄوڪي ۽ سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب حڪومت آئيني ترميم جو مسودو صرف پيپلز پارٽي سان شيئر ڪيو آهي، سندن راءِ اچڻ کانپوءِ ان کي فائنل ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ڪا تجويز ڏني ته ان کي قطعي مسودي ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب قطعي مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ حڪومت پنهنجي ٻين اتحادي پارٽين کي به اعتماد ۾ وٺندي. حڪومتي ذريعن موجب حڪومت اتحادين کانپوءِ تحريڪ انصاف سان به رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ کان سهڪار گهريو ويندو جيئن اتفاق راءِ سان ترميم منظور ٿئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف کانپوءِ حڪومت جي يو آءِ سان به ملاقاتون ٿينديون. حڪومتي ذريعن موجب مخالف ڌر جي راضي نه ٿيڻ تي حڪومت نمبر گيم ڏسي ترميمون متعارف ڪرائيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميم جي منظوري تي اتفاق راءِ لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي اجلاسن دوران رابطا ۽ ملاقاتون جاري رهنديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون