وفاقي حڪومت يوٽيليٽي اسٽورز تي وزيراعظم رليف پيڪيج جاري رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، وزيراعظم رليف پيڪيج تحت 5 بنيادي شين تي سبسڊي برقرار رهندي جنهن ۾ بي آءِ ايس پي صارفين کي کنڊ، اٽو، گيهه، دالون ۽ چانورن تي سبسڊي ملندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورز تي بي آءِ ايس پي صارفين لاءِ کنڊ 109 رپيا في ڪلو هوندي، اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿهيلو 684 رپين ۾ ملندو، جڏهن ته گيهه 393 رپيا في ڪلو ملندو.
ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي وزيراعظم پيڪيج جون 2024 تائين جاري رکڻ جو پلان آهي ۽ پيڪيج تحت ماهوار تقريبن 3 ارب رپيا سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته مالي سال پيڪيج جاري رکڻ بابت فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي…..