تازه ترين

حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي  آهي: وزيراعظم شهباز شريف

چيني ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي  آهي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست ۽  ترقي ۾ اهم ڀائيوار آهي، هر ڏکي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي  چيني قيادت ۽ عوام جا ٿورائتا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف سان چيئرمين وانگ جائيچينگ جي قيادت ۾ چيني ڪمپني جي ايم سي سي ٽونگسن ريسورسز جي وفد ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران چيني ڪمپني پاڪستان ۾ معدنيات ۽ ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي واري شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ڪمپني پاڪستان ۾ منرل پارڪ ٺاهڻ بابت بريفنگ ڏني ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري جي منصوبي بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم چيني ڪمپني کي ڀليڪار ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي  آهي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست ۽  ترقي ۾ اهم ڀائيوار آهي، هر ڏکي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي  چيني قيادت ۽ عوام جا ٿورائتا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون