حڪومت نوجوانن کي مارڪيٽ ۽ صنعتن ۾ گهربل هنر ۽ کپت تحت تربيتي پروگرام فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف منصوبي تي عمل جي پاڻ نگراني ڪرڻ ۽ هر مهيني اجلاس جي صدارت به پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ تربيت لاءِ مقامي صنعتن سان مسلسل رابطي ۽ افرادي قوت جي عالمي ادارن جي کپت کي نظر ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي.
شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جو سڀ کان وڏو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي پيشوراڻي تربيت ۽ ضروري هنر فراهم ڪري بااختيار ڪرڻ سميت روزگار ڏنو پيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي تربيت جي فراهمي سان افرادي قوت جي پرڏيهه اماڻڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پلان بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايندڙ چئن سالن ۾ مختلف ادارن ذريعي تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ چئن سالن ۾ 24 لک هر سال کان وٺي 60 لک هر سال تائين نوجوانن کي پيشواراڻي تربيت ۽ هر جي فراهمي سان روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ويندي.
اجلاس دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل يوٿ حب قطعي مرحلي ۾ آهي، جنهن کي هلندڙ مهيني ۾ جاري ڪيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل سمورن وزارتن ۽ ادارن جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.