حڪومت نيب ترميمون ڪيس جو حڪم نامو چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
وفاقي حڪومت نيب ترميمون ڪيس جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سپريم ڪورٽ 15 سيپٽمبر تي نيب ترميمون ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪندي نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون هيون.
عدالتي فيصلي بعد ڪيترائي ڪيس ٻيهر احتساب عدالتن ڏانهن منتقل ٿي ويا هئا ۽ نيب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، آصف زرداري، شهبازشريف، گيلاني ۽ ٻين سياستدانن جا 80 ڪرپشن ڪيس بحال ڪري ڇڏيا.