تازه ترين

حڪومت هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر اهم معاشي حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام  رهي، اقتصادي سروي اڄ جاري ڪئي ويندي

حڪومت هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر اهم معاشي حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام  رهي، اقتصادي سروي اڄ جاري ڪئي ويندي.

وفاقي سرڪار طرفان هلندڙ مالي سال جي اقتصادي سروي رپورٽ اڄ پيش ڪئي ويندي.

ذريعن موجب حڪومت هلندڙ سال مقرر ڪيل اهم معاشي حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي،  جڏهن ته زرعي شعبي جي ڪارڪردگي 3 ڏهائي 4 مقرر ڪئي وئي، پر اها 4 سيڪڙو  رهي.

ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو ساليانو حدف 6 ارب ڊالر رهيو، جڏهن ته ڏهن مهينن ۾ 20 ڪروڙ 20 لک ڊالر رهيو.

اهم فصلن جي پيداوار 3 سيڪڙو حدف جي ڀيٽ ۾ 16 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي، ڪڻڪ، چانور، مڪئي سميت وڏن فصلن جي پيداوار ۾ بهتري رڪارڊ ڪئي وئي.

معاشي ترقي ساڍا 3 سيڪڙو حدف جي ڀٽ ۾ 2 ڏهائي 38 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

سروي جي نقطن موجب ايوريج مهانگائي 21 سيڪڙو سالياني حدف جي ڀيٽ ۾ 23 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي.

صعنتي ترقي جو ساليانو 3 ڏهائي 4 سيڪڙو حدف به پورو نه ٿيو، اهو هڪ ڏهائي 2 سيڪڙو رهيو، مينوفيڪچرنگ ڪارڪردگي 3 ڏهائي 2 حدف جي ڀيٽ ۾ ٻڙي ڏهائي هڪ سيڪڙو رهي.

رئيل اسٽيٽ، تعليم، صحت، رهائش، خوراڪ جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر ٿي، پر بجلي، گيس، هول سيل، ريٽيل ۽ ٽرانسپورٽ سيڪٽر جا حدف پورا نه ٿيا، خدمتن جي شعبي ۾ ترقي  هڪ ڏهائي 2 سيڪڙو رهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
34 %
1.9kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون