تازه ترين

حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز شريف ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اڄ اهم ملاقات جو امڪان

حڪومت ٺاهڻ لاءِ نواز شريف ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اڄ اهم ملاقات جو امڪان آهي.

چونڊ نتيجن بعد سياسي اڳواڻن رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت سرگرم ٿي وئي آهي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ن ليگ جي قائد نواز شريف وچ ۾ اڄ اهم ملاقات جو امڪان آهي، جنهن  ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان ن ليگ صدر شهباز شريف به اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو اتفاق نه ٿي سگهيو هو.

مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ آصف زرداري جي ملاقات ۾ ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.

هن چيو ته پهريان پارٽي اڳواڻن سان مشورا ڪري بعد ۾ قدم اڳتي وڌايو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
40 %
4.4kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون