تازه ترين

حڪومت پئٽرول 15 رپيا 39 پيسا ۽ ڊيزل ست رپيا 88 پيسا سستو ڪري ڇڏيو

حڪومت پئٽرول 15 رپيا 39 پيسا ۽ ڊيزل ست رپيا 88 پيسا سستو ڪري ڇڏيو آهي.

مهانگائي جي ماريل عوام کي حڪومت طرفان ڪجهه رليف ڏيندي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ناڻي واري وزارت طرفان تيل جي اگهن ۾  گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيڪفيشن موجب پئٽرول 15 رپيا 39 پيسا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد نئون اگهه 273 رپيا 10 پيسا في لٽر ٿي ويو.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 7 رپيا 88  پيسا في لٽر  سستو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هاڻي ڊيزل 274 رپيا 8 پيسا في لٽر ملندو.

نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي اگهه ۾ به 9 رپيا 88 پيسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

تيل جا نوان اگهه رات ٻارهين وڳي کان ايندڙ پندرهن ڏينهن لاءِ لاڳو ٿي ويا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون