نگران وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پهرين نومبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪابه ڦيرڦاڙ نه ڪئي ويندي ۽ ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جا موجوده اگهه برقرار رهندا.
پيٽرول جي قيمت 283 رپيا 38 پيسا في لٽر ۽ هاءِ اسپيڊ جي قيمت 303 رپيا 18 پيسا في لٽر برقرار رهندي.
ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 82 پسا في لٽر گھٽتائي ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 211 رپيا 3 پيسا في لٽر هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب، لائيٽ ڊيزل 3 رپيا 40 پيسا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 189 رپيا 46 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.