حڪومت پاران ڊيزل ۽ پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان

- Advertisement -
نگران وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پهرين نومبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪابه ڦيرڦاڙ نه ڪئي ويندي ۽ ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جا موجوده اگهه برقرار رهندا. پيٽرول جي قيمت 283 رپيا 38 پيسا في لٽر ۽ هاءِ اسپيڊ جي قيمت  303 رپيا 18 پيسا في لٽر برقرار رهندي. ناڻي واري وزارت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب، گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 82 پسا في لٽر گھٽتائي ڪئي وئي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 211 رپيا 3 پيسا في لٽر هوندي. نوٽيفڪيشن موجب، لائيٽ ڊيزل 3 رپيا 40 پيسا في لٽر سستو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 189 رپيا 46 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23 ° C
23 °
23 °
58%
2.2m/s
43%
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون