حڪومت پيپلز پارٽيءَ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا.
اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران پ پ پنهنجا اعتراض حڪومت سامهون رکيا، غور ويچار کانپوءِ حڪومت پ پ جا سمورا مطالبا منظور ڪري ورتا.
ذريعن موجب ترقياتي فنڊن ۽ پنجاب ۾ انتظامي عهدن تي پ پ کي اوليت ڏني ويندي.
اجلاس کانپوءِ پ پ جي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شامل نديم افضل چن چيو ته پنجاب جي معاملن ۾ گنجائش جو مسئلو هو، مڪاني ادارن جي چونڊن جو معاملو آهي.
هن چيو ته پ پ چاهي ٿي ته ڪنهن کي انتقام جو نشانو نه بڻايو وڃي، پنجاب ۾ سٺي گورننس ڏني وڃي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت سان سندن ڪيترائي مسئلا حل ٿي چڪا آهن، هاڻي لکت معاهدي جي سلسلي ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.