تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ تصويرن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو

حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ تصويرن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پوليس ۽ رياستي مشينري کي نقصان پهچايو ويو آهي، پي ٽي آءِ وارا گاڏيون ۽ جتيون ڇڏي ڀڄي ويا آهن، ڪڏهن 100 ته ڪڏهن 12 ۽ ڪڏهن وري پنجن لاشن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف وارا پرڏيهه ۾ پاڪ فوج خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حڪومت ملڪي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ملڪ جي معيشيت هن وقت ترقي جي رستي تي هلي رهي آهي، پاڪستان ۾ ستن مهينن دوران ڪيترن ئي پرڏيهي وفدن دورو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن جي بحالي پاڪستان لاءِ سٺي خبر آهي، جڏهن ته ملڪي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف وارا لاشن جي سياست ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ وارا لاشن بابت پراڻي وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي هلائي رهيا آهن، رياست فيصلو ڪيو آهي ته ڏڦيڙ ۽ تشدد جي سياست جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته بشريٰ بي بي طرفان ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف وارا سڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي تصوير به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بليو ايريا جي روڊ کي رت سان رڱيل ڏيکاريو ويو هو، جنهن بعد هن روڊ تي وڃي وڊيو ٺاهي ۽ هڪ هڪ انچ ڏيکاريو ڪٿي به رت جو داغ نه هو.

عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران پوليس ۽ رياستي مشينري کي نقصان پهچايو ويو آهي، پي ٽي آءِ وارا گاڏيون ۽ جتيون ڇڏي ڀڄي ويا آهن، ڪڏهن 100 ته ڪڏهن 12 ۽ ڪڏهن وري پنجن لاشن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف وارا پرڏيهه ۾ پاڪ فوج خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون