حڪومت گم ٿيل ماڻهن بابت سوشل ميڊيا تي واويلا کي رد ڪري ڇڏيو، اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته حڪومت کي پنهنجي ذميوارين جو مڪمل احساس آهي، گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو هڪ رات ۾ حل نه ٿو ٿي سگهي، گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيتريون ئي رپورٽون جعلي ثابت ٿيون آهن، گوادر حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد به گم ٿيل نڪتا، حڪومت کي پنهنجي ذميوارين جو احساس آهي، عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته ملڪ ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ تيزيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، تحريڪ انصاف ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي بابت واويلا ڪئي جنهن ۾ ڪا سچائي ناهي.
اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي و زير عطا تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذر تارڙ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿيا، چيو ويندو آهي ته حڪومتن طرفان سنجيدگيءَ جو مظاهرو نه ڪرڻ سبب گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل نٿو ٿئي.
هن چيو ته حڪومت گم ٿيل ماڻهن لاءِ تمام گهڻو ڪم آهي، اڳوڻين حڪومتن ۾ به ان تي ڪم ڪيو ويو، گم ٿيل ماڻهن واري مسئلي تي حڪومت سنجيده آهي.
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو پهريون ڀيرو پ پ دورن ۾ اٿاريو ويو، گم ٿلين جا 10 هزار 200 ڪيس ڪميشن ۾ ويا، نگران حڪومتن جا اختيار محدود هئا، جنهن ڪري قانونسازي نه ٿي.
قانون واري وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي، چئن ڏهاڪن کان پاڪستان جنگ واري حالت ۾ آهي، دهشتگردي ۽ اندرين معاملن ملڪ جون حالتون خراب ڪيون.
اعظم نذير تارڙ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيتريون ئي رپورٽون جعلي ثابت ٿيون آهن، گوادر حملي ۾ مارجي ويل دهشتگرد به گم ٿيل نڪتا، حڪومت کي پنهنجي ذميوارين جو احساس آهي.
سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌليءَ جو راڳ آلاپيو ويو، نفرت، منافقت ۽ورهائڻ واري سياست رد ٿي چڪي آهي،
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ بانيءَ پنهنجي ذات خاطر ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪوڙ جي اجازت نه ڏني ويندي.
عطا تارڙ چيو ته ملڪ ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ تيزيءَ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن….