تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

حڪومت ڪرغزستان معاملي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حڪومت ڪرغزستان معاملي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته بشڪيڪ ۾ وڳوڙن بعد شاگرد خوف جو شڪار آهن، وڳوڙن بابت فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آستانه ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزير ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم کي پيغام اماڻيو ته هو اجلاس بعد ڪرغز پرڏيهي وزير سان ملاقات جو انتظام ڪريو.

سندس چوڻ هو ته اجلاس بعد ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستاني شاگردن تي حملن بابت ڳالهيون ڪيون ۽ درخواست ڪئي ته هو بشڪيڪ وڃي شاگردن کي ڏسڻ چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڪرغز پرڏيهي وزير پنهنجي صدر سان ڳالهايو، جنهن تي هن کيس ڀليڪار ڪيو ۽ پوءِ هو ڪرغز هم منصب سان گڏ آستانه کان بشڪيڪ روانو ٿيو.

هن چيو ته ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم سان گڏ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ ڪرغز انتظاميا وڳوڙن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

پرڏيهي وزير چيو ته ٽن مان ٻن شاگردن کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، هڪ شاگرد شاهزيب اڃا تائين علاج هيٺ آهي، اٽڪ جي زخمي شاگرد شاهزيب کي فوري طور پاڪستان آندو ويندو.

اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان جي صدر بشڪيڪ ۾ وڳوڙن جو سخت نوٽيس ورتو، وڳوڙن جي ذميوارن جو پتو لڳائي گرفتار ڪيو ويو، بشڪيڪ ۾ حالتون مڪمل طور معمول تي اچي ويون آهن.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته بشڪيڪ ۾ وڳوڙن بعد شاگرد خوف جو شڪار آهن، وڳوڙن بابت فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ڪيو ويندو، بشڪيڪ ۾ 11 سئو جي لڳ ڀڳ پاڪستاني پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون