تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت ڪرغزستان معاملي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
حڪومت ڪرغزستان معاملي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته بشڪيڪ ۾ وڳوڙن بعد شاگرد خوف جو شڪار آهن، وڳوڙن بابت فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آستانه ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزير ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم کي پيغام اماڻيو ته هو اجلاس بعد ڪرغز پرڏيهي وزير سان ملاقات جو انتظام ڪريو. سندس چوڻ هو ته اجلاس بعد ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستاني شاگردن تي حملن بابت ڳالهيون ڪيون ۽ درخواست ڪئي ته هو بشڪيڪ وڃي شاگردن کي ڏسڻ چاهي ٿو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڪرغز پرڏيهي وزير پنهنجي صدر سان ڳالهايو، جنهن تي هن کيس ڀليڪار ڪيو ۽ پوءِ هو ڪرغز هم منصب سان گڏ آستانه کان بشڪيڪ روانو ٿيو. هن چيو ته ڪرغزستان جي نائب وزيراعظم سان گڏ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ ڪرغز انتظاميا وڳوڙن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ٽن مان ٻن شاگردن کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، هڪ شاگرد شاهزيب اڃا تائين علاج هيٺ آهي، اٽڪ جي زخمي شاگرد شاهزيب کي فوري طور پاڪستان آندو ويندو. اسحاق ڊار چيو ته ڪرغزستان جي صدر بشڪيڪ ۾ وڳوڙن جو سخت نوٽيس ورتو، وڳوڙن جي ذميوارن جو پتو لڳائي گرفتار ڪيو ويو، بشڪيڪ ۾ حالتون مڪمل طور معمول تي اچي ويون آهن. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته بشڪيڪ ۾ وڳوڙن بعد شاگرد خوف جو شڪار آهن، وڳوڙن بابت فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن اڄ ئي جاري ڪيو ويندو، بشڪيڪ ۾ 11 سئو جي لڳ ڀڳ پاڪستاني پورهيت ڪم ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون