تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت ڪنهن به اصول تي ڪمپرومائيز نه ڪندي : اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ڪنهن به اصول تي ڪمپرومائيز نه ڪندي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي سزا ٿي رهي آهي ته ان ۾ هو ڇا ٿا ڪري سگھن، جن ماڻهن 9 مئي جا واقعا ڪيا اهي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 9 مئي واقعن ۾ شاهدين جي بنياد تي سزائن جو عمل جاري آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي سياست ڪرڻي آهي ته پاڪستان اچي ڪري، حڪومت ڪنهن به اصول تي ڪمپرومائيز نه ڪندي، لکين ڊالر ڏئي ملڪي ادارن کي بدنام ڪرائڻ قابل مذمت آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستاني معيشت ترقي طرف وڌي رهي آهي، مهانگائي سنگل ڊجٽ ۾ اچي چڪي آهي. هن اهو به چيو ته ايران ۾ پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي، هو ايراني اختيارين سان رابطي ۾ آهي، پاڪستاني سفارتخانو به پنهنجي ماڻهن سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي، جن ماڻهن اهو واقعو ڪيو ايراني حڪومت انهن کي سخت سزا ڏيندي. نائب وزيراعظم موجب، سمنڊ پار پاڪستانين کي مڪمل عزت ڏني ويندي، پاڪستان ۾ وڏو ڪنوينشن ٿيڻ وڃي رهيو آهي، سڀاڻي ۾ ان ۾ شرڪت ڪري خاص اعلان ڪيا ويندا. اسحاق ڊار جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت بهار جو ڏينهن ملهائڻ تي نظر ثاني ڪري رهي آهي، حفاظتي قدمن سان اهو ڏينهن ملهائڻ گھرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
36 %
3.1kmh
100 %
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون