تازه ترين

حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار

حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ اجلاس گهرائڻ بابت حڪومت يا مخالف ڌر ڪو رابطو نه ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪميٽي جي باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، سندس ذميواري ناهي، حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪن ته ملاقات ڪرائڻي آهي يا نه ڪرائڻي آهي، ڌريون راضي ٿين ته هڪ ٻن ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي.

حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهين بابت بيان ۾ اياز صادق چيو ته ڳالهين واري ڪميٽين جي اجلاس گهرائڻ بابت حڪومت يا مخالف ڌر ڪو رابطو نه ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي تحريڪ انصاف باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، اها سندس ذميواري ناهي.

قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪن ته ملاقات ڪرائڻي آهي يا نه ڪرائڻي آهي، ڌريون راضي ٿين ته هڪ ٻن ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته چار جنوري تي اسد قيصر سان ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته تحريڪ انصاف باني سان ملاقات جو مطالبو حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻ، راڻا ثناءُ الله ۽ حڪومت جي عملدارن سان سڌي ريت ڳالهيون ڪري سگهن ٿا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون