تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجي ويهڻ جمهوريت کي مضبوط بڻائيندو: اسپيڪر اياز صادق

- Advertisement -
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجي ويهڻ جمهوريت کي مضبوط بڻائيندو، جمهوريت ۾ ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽي ميمبرن جو پهريون ان ڪيمرا اجلاس پارليامينٽ جي ڪميٽي روم نمبر پنج ۾ جاري آهي. اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت تي ڀليڪار چيو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهيون جو عمل سٺو سنوڻ آهي، ڳالهين جو عمل جمهوريت جو حسن آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجي ويهڻ جمهوريت کي مضبوط بڻائيندو، جمهوريت ۾ ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن. سندس چوڻ هو ته هي ملڪ سندن جو آهي ۽ کين عوام چونڊي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ ۾ اماڻيو آهي، پارليامينٽ 24 ڪروڙ عوام جو چونڊيل ادارو آهي ۽ عوام کي پارليامينٽ مان ڪيتريون ئي اميدون آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته عوامي نمائندي جي حيثيت ۾ کين عوام جي مسئلن جو حل ڳولهڻ آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن سان ملڪ جي مسئلن کي بهتر نموني حل ڪري سگهجي ٿو. اياز صادق چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي ۽ دارومدار سياسي استحڪام سان جوڙيل آهي، ملڪ جي موجوده صورتحال سياسي ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ جي گهر ڪري ٿي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون