قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجي ويهڻ جمهوريت کي مضبوط بڻائيندو، جمهوريت ۾ ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽي ميمبرن جو پهريون ان ڪيمرا اجلاس پارليامينٽ جي ڪميٽي روم نمبر پنج ۾ جاري آهي.
اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت تي ڀليڪار چيو.
اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهيون جو عمل سٺو سنوڻ آهي، ڳالهين جو عمل جمهوريت جو حسن آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجي ويهڻ جمهوريت کي مضبوط بڻائيندو، جمهوريت ۾ ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن.
سندس چوڻ هو ته هي ملڪ سندن جو آهي ۽ کين عوام چونڊي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ ۾ اماڻيو آهي، پارليامينٽ 24 ڪروڙ عوام جو چونڊيل ادارو آهي ۽ عوام کي پارليامينٽ مان ڪيتريون ئي اميدون آهن.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته عوامي نمائندي جي حيثيت ۾ کين عوام جي مسئلن جو حل ڳولهڻ آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن سان ملڪ جي مسئلن کي بهتر نموني حل ڪري سگهجي ٿو.
اياز صادق چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي ۽ دارومدار سياسي استحڪام سان جوڙيل آهي، ملڪ جي موجوده صورتحال سياسي ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ جي گهر ڪري ٿي……