تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪومت 27هين آئيني ترميم آڻي رهي آهي ۽ آڻيندي:نائب وزيراعظم وزير اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت 27هين آئيني ترميم آڻي رهي آهي ۽ آڻيندي، پ پ ۽ ن ليگ هڪ پوائنٽ تي پهتا آهن، ٻين اتحادين کي به سميت سمورين اتحادي پارٽين کي اعتماد ورتو ويندو، ترميم بابت بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ٽوئٽ ڏٺو آهي، بيان ڏيڻ سندس حق آهي، حڪومت کي تجويز آهي ته ترميم پهريان سينيٽ ۾ آندي وڃي، حڪومت مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرريءَ ۾ ڪا به رنڊڪ نه وجهي رهي آهي. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته حڪومت نئين آئيني ترميم آڻي رهي آهي ۽ آڻيندي. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم تي سڀ کان وڏي اتحادي پيپلزپارٽيءَ سان ويهڪ ٿي آهي، ترميم بابت بلاول ڀٽو زرداري جو ٽوئٽ ڏٺو آهي، کيس بيان ڏيڻ جو حق آهي، بلاول جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي اهي هوا . اسحاق ڊار چيو ته 27هين آئيني ترميم تي ايم ڪيو ايم سميت ٻين اتحادي پارٽين کي به اعتماد ورتو ويندو. نائب وزيراعظم چيو ته 27هين آئيني ترميم جا سمورا معاملا شفاف رکيا ويندا، سندس تجويز آهي ته آئيني ترميم پهريان سينيٽ ۾ پيش ڪئي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته سينيٽ ۾ به سڀ آئيني ترميم تي پنهنجي راءِ ڏين، ترميم ڪميٽين ڏانهن به ويندي، حڪومت کي ڪي به خدشا ناهن، ائين ناهي ته ترميم ايندي ۽ اها جيئن جو تيئن منظور ٿيندي، هو علي ظفر کي خاطري ڪرائي ٿو ته 27هين آئيني ترميم تي ايوان ۾ بحث ٿيندو، هو اسٽيڪ هولڊرن ۽ وڪلين کان به راءِ وٺندا. نائب وزيراعظم چيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرري ضرور ٿي گهرجي، حڪومت مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرريءَ ۾ ڪا به رنڊڪ نه وجهي رهي آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون