خانواهڻ ۾ جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس پاران پيراڻي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.
جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
مقتول نينگريءَ فاطمه ڦرڙو جي خاندان جي ماڻهن، سول سوسائٽي، وڪيلن، قلم ڌڻين، شهرين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي جو چوڻ هو ته نينگري فاطمه ڦرڙو جو حويليءَ ۾ زيادتي بعد قتل وڏو سانحو آهي.
سندس چوڻ هو ته ، اسد علي شاهه سميت واقعي جي ڪردارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي.
ذوالفقار خاصخيلي جو چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو جي ناحق خون سان انصاف تائين سندن جاکوڙ جاري رهندي. هن مطالبو ڪيو ته نينگري جي قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن کي ڦاهيءَ تي لٽڪائي فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.