تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خانواهڻ ۾ جي ڊبليو سي جي ريلي ۽ ڌرڻو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خانواهڻ ۾ جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس پاران پيراڻي حويلي بيدردي سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

مقتول نينگريءَ فاطمه ڦرڙو جي خاندان جي  ماڻهن، سول سوسائٽي، وڪيلن، قلم ڌڻين، شهرين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي جو چوڻ هو ته نينگري فاطمه ڦرڙو جو حويليءَ ۾ زيادتي بعد قتل وڏو سانحو آهي.

سندس چوڻ هو ته ، اسد علي شاهه سميت واقعي جي ڪردارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيڻ گهرجي.

ذوالفقار خاصخيلي جو چوڻ هو ته  فاطمه ڦرڙو جي ناحق خون سان انصاف تائين سندن جاکوڙ جاري رهندي.

هن مطالبو ڪيو ته نينگري جي قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن کي ڦاهيءَ تي لٽڪائي فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21 ° C
21 °
21 °
27 %
2.4kmh
98 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
29 °

تازه ترين خبرون