خانپورمهر ۾ 7 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مبينا طور اغوا ٿي ويئي آهي.
ناري جي مڙس حاڪم ملڪ جو چوڻ آهي ته جوابدار سندس گهر تي ڪاھ ڪري سندس ڳورهاري زال رضوانه کي کنڀي ويا آهن، جوابدارن گهر وارن مٿان تشدد پڻ ڪيو.
نوجوان چيو ته هن ۽ رضوانه اٽڪل 7 مهينا پهرين پسند جو پرڻو ڪيو هيو جنهن بعد مسلسل دربدر هئا، گذريل رات دير سان جوابدارن گهر تي ڪاهه ڪئي.
نوجوان خدشو ظاهر ڪيو ته سندس زال کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويندو، پوليس ڪارروائي ڪري رضوانه ملڪ کي بازياب ڪرائي.