خانپور مهر ويجهو واهه کي گهارو پوڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
ڳوٺ عبدالرحمان قاضي وٽان مهرو واهه کي ڏهه فوٽ گهارو پئجي ويو.
مهرو واهه کي گهارو پوڻ سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.
اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مهرو واهه کي 10 فوٽ گهارو پوڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته پاڻي گهرن طرف وڌي رهيو آهي.
ڳوٺاڻن چيو ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو ناهي پهتو جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن.