خانپور ويجهو مبينا طور گم ٿي ويل مدرسي جي چئن کٿابين کي پوليس هٿ ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب مدرسي جي کٿابي محمد عرفان برهوي، محمد حذيفه بروهي، محمد ابوبڪر بروهي ۽ محمد آچر کي هٿ ڪري مدرسي انتظاميا حوالي ڪيو ويو آهي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته کٿابي ماني وٺڻ ويا هئا، رات ٿيڻ سبب ڀر واري ڳوٺ ۾ ترسي پيا هئا.
کٿابي مدرسي واپس اچڻ تي سندن گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.