تازه ترين

خانپور ويجهو ٻن ڀائرن ۾ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خانپور ويجهو ٻن ڀائرن ۾ جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو.

فيضو ٿاڻي جي حد ڳوٺ دلي جان شر ۾ فصل کي ڀاڻ ڏيڻ جي ڳالھھ تان ٻن ڀائرن بهاري شر ۽ امام بخش شر وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو.

جھيڙي دوران بھاري شر جي پٽ جوابدار غازي شر جي فائرنگ ۾ سندس چاچو امام بخش شر مارجي ويو .

اطلاع تي پوليس واقعي واري  هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي  اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙھھ وارثن حوالي ڪيو.

مقتول جي ڀاڄائي گل زداي زال گلستان شر ٻڌايو تھ ڏير بهاري ۽ امام بخش شر ۾ فصل کي ڀاڻ ڏيڻ جي ڳالھھ تان جھيڙو ٿيو، بهاري شر جي پٽ غازي شر گوليون ھڻي چاچي کي قتل ڪيو.

پوليس موجب، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نھ ٿي سگھيو ھو ۽ نھ ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي .

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون